اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ملڪ ۾ پائيدار صنعتي ترقي ۽ معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُر??شش منافعو ملڻ گهرجي، جنهن سا?? روزگار ۾ واڌ ۽ هر شعبي ۾ ان جا مثبت اثر پيدا ٿيندا. اهڙو اظهار هن ملٽي نيشنل ڪمپني سي سي آءِ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪريم ياهي سا?? ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملا??ات ڪئي، ملا??ات ۾ پاڪستان ۾ بزنس کي هٿي ڏيڻ سميت سيڙپڪاريءَ جي حوالي سا?? اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ جي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جا بي پناهه موقعا موجود آهن، جنهن سا?? ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي فائدو کڻڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ بزنس جون وڌيڪ سهولتون ڏئي رهيا آهيون، ض??ورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۽ سرمايو لڳائيندڙن کي عملي طور سازگار ماحول ۽ پُر??شش سهولتن جو احساس هجي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت جي هاڪاري قدمن سا?? ناڻي واڌ جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي جيڪو انتهائي ساراهه جوڳو عمل آهي، ان سا?? نه صرف مستقبل ۾ ڪاروبار وڌندو پر سا??ياني اؤسر واري شرح ۾ به بهتري ايندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي آباديءَ جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ اسان کي انهن جي ڪاروباري رجحان کي سا??هون رکڻو پوندو. هن چيو ته ترڪيه جا ڪاروباري ادارا دل جي ويجهو آهن انهن سا?? خاص تعاون کي يقيني بڻائينداسين. هن ڪريم ياهي جي ترڪيه سا?? وابستگيءَ کي ساراهيندي کيس پنهنجي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.
معاشي بهتريءَ لاءِ سيڙپڪاري ڪندڙن کي پُرڪشش منافعو ملڻ گهرجي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات