اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر جي قومي ڏينهن جي م??اس??ت سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آهي، قومي ڏينهن تي حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر دوستي جي رشتي ۾ ٻڌل آهن، شيخ تميم بن حمد الثاني جي دورانديش قيادت ۾ قطر نمايان ترقي ڪئي، قطر ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ جو ڪامياب انعقاد ان جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته قطر جي تازي دوري دوران دوحه ۾ نمائش جو افتتاح ڪيو، نمائش جي سرپرستي جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ شيخه المياسه جي ڪوششن ۽ قطر جي امير جو ٿورائتو آهيان، نمائش ۾ پاڪستان جي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هن چيو ته قطر جو امير پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دل??سپ?? رکي ٿو، قطر جي امير جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان جا اقتصادي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان قطر ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. هن چيو ته پاڪست??ني?? جو قطر ۾ آءِ ٽي، تعميرات ۽ فارماسيوٽيڪل سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته لبناني وزيراعظم کي شام مان پاڪست??ني?? جي انخلا جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي آهي، پاڪست??ني?? جي شام مان حفاظت سان انخلا يقيني بڻائينداسين. ان موقعي تي قطر جي قومي ڏينهن جي م??اس??ت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.
وزيراعظم پاران قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪون، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil