لاهور-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڪال??ه فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد مظلوم فلسطينين تي اس??ائ??لي ڏاڍ ۽ ظلم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ هو. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ فلسطينين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ سيمينارز، تقريبون ۽ ريلين جو بندوبست ڪيو ويو. مقررن چيو ته مظلوم فلسطينين تي فسطائي قوتون جهڙيءَ طرح ظلم ڪري رهيون آهن، پوري پاڪستاني قوم فلسطين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ انهن سان گڏ آهي. مسلم اُمت کي اس??ائ??لي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي. اس??ائ??لي دهشتگرديءَ سبب هاڻي تائين 42 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. اس??ائ??لي فورسز غزه ۾ هزارين ٽَن ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو جڏهن ته اس??ائ??لي بمباريءَ سبب هڪ لک 50 هزار گهرن کي نقصان پهتو. مقررن وڌيڪ چيو ته اس??ائ??لي ڏاڍ سبب غزه جي هٿين خالي عوام کي خوراڪ جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اس??ائ??لي دهشتگردي سان سَوين ڊاڪٽر، صحافي ۽ وڪيل به شهيد ٿي چڪا آهن. هنن گڏيل قومن ۽ ٻين امن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته فلسطيني عوام تي اس??ائ??لي ڏاڍ روڪرائڻ لاءِ نتيجو ڏيندڙ ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فلسطيني عوام سان يڪجهتيءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ