اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو 25 کان 27 نومبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب بيلاروس جو صدر لوڪا شينڪو وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪي??ن وينديون. ترجمان پنهنجي ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena