اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر سان گڏيل مفاد جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا ??وقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني قطر جي ??في?? علي مبارڪ علي عيسيٰ الخاطر سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪامياب انعقاد تي قطر کي ساراهيو. هن ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر حڪومت جا ??ورا پڻ مڃيا. وقتي صدر جو چوڻ هو ته قطر ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي رابطي کي فروغ ڏيڻ ۾ هڪ مضبوط پل وانگر آهن. قطر جي ??في?? پاڪستان کي هڪ ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي ساراهيندي چيو ته قطر جو سيڙپاري وارو وزير جلد ئي پنهنجي وفد سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪندو، وفد مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو وٺندو، اميد آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي قطر جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري جا ??اڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا.
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، قطري ڪمپنيون سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻن: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار