ڪوئيٽا – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي ان ??زم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي صوبائي ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن بلوچستان ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي، متاثرين جي پو??ئيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ وڌيڪ معصوم جانين جي زيان کي روڪڻ جي لاءِ وقت سر جواب ڏي?? تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم بلوچستان جي عوام جي قومي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ قربانين ۽ ڪردار کي ساراهيندي ??زم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انهن کي پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ تازي افسوسناڪ واقعي سان پوري قوم ڏکويل آهي. هن چيو ته معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ خوارج کي ڪنهن به قسم جي گنجائش نه ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان پاڪستان جو هڪ اهم ۽ خوبصورت صوبو آهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته وطن ۽ معصوم شهرين جي لاءِ جانيون قربان ڪندڙن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان جي آئين جو احترام ڪندڙن سان ئي ڳالهيون ممڪن ٿي سگهن ٿيون جيڪي قومي جهنڊي کي سلامي ڏين ٿا. ڪميٽي معصوم پاڪستانين کي نشانو بڻائيندڙ بزدلاڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي صوبي ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو ??زم ڪيو. بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ دهشتگردن جي خلاف جاري آپريشنز جو جامع جائزو ورتو ويو ۽ ڪميٽي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ انٽيلي جنس شيئرنگ ۽ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فورم ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي)، پو??يس، ليويز ۽ لاڳاپيل ادارن جي صلاحيت وڌائ?? تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ آرمي چيف دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم قومي ترقي جي لاءِ بلوچستان جي عوام جي قربانين ۽ تعاون کي ساراهيندي ??زم ڪيو ته پاڪستان جا دشمن بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهين ٿا، انشاءَ الله پوري قوت ۽ قومي حمايت سان شڪست ڏني ويندي. ڪميٽي ان ??زم جو اظهار ڪيو ته بزدلاڻي حملن جي منصوباسازن، اتساهيندڙن، سهولتڪارن ۽ مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس جي آخر ۾ وزيراعظم بلوچستان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پو??ئيرن ۾ امدادي رقم جا چ??ڪس ورهايا ۽ انهن کي رياست پاران مڪمل تعاون ۽ تحفظ جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، منصوبابندي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، اهم صوبائي وزيرن، صوبائي سيڪريٽريز، ڪمانڊر بلوچستان ڪور ۽ سينيئر سول، پو??يس، انٽيلي جنس ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پاران دشمن قوتن کي ڪنهن به قيمت تي بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ کان روڪڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن