اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقي موسيٰ خي?? ۾ مسافرن جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪندي دهشتگردن جي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته بيگناهه انسانن جو ظالماڻو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، دهشتگرد ملڪ ۽ قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن. هن چيو ته معصوم شهرين جي انسانيت سوز قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻو پوندو. صدر دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم ۽ واقعي ۾ مارجي ويلن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena