اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آئرلينڊ جي حڪومت پارا?? فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصل?? کي ساراهيندي چيو آهي ته اهو فيصلو معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آئرلينڊ جي وزيراعظم سائمن هيرس جي و?? ۾ ??يليفونڪ رابطو ٿيو. وزيراعظم ائرلينڊ جي وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آئرلينڊ پارا?? فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي تازي فيصلي تي آئرش حڪومت جي فيصل?? کي ساراهيو. هن چيو ته آئرلينڊ جو اهو فيصلو انهن معصوم فلسطينين جي لاءِ اميد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏيندو جيڪي اسرائيل جي وحشياڻي ظلمن جو شڪار آهن ۽ فلسطين ڪاز کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته آئرلينڊ جو اهو فيصلو ٻين ملڪن تي به اهڙا فيصلا ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جو سبب بڻجندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه جي وڪالت ڪئي آهي ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب ٻه رياستي حل ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن آڻڻ جو واحد رستو آهي. ه?? فلسطيني عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ آءِ سي جي جي اسرائيل کي غزه ۽ رفح تي حملا بند ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ جي فيصل?? کي ساراهيو. هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ڪشمير جي مظلوم عوام کي به عالمي ب??ادري پاران اهڙي طرح جو ڌيان ملندو ڇو ته اها به گذريل 7 ڏهاڪن کان وحشياڻي قبضي ۽ بنيادي انساني حقن کان انڪار کي ب??داشت ڪري رهي آهي. وزيراعظم سائمن هيرس چيو ته آئرلينڊ ٻين يورپي اتحادين جي مشاورت سان اصولي فيصلو ڪيو آهي ڇو ته غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائ?? کي ڪنهن به طرح معاف نه ٿو ڪري سگهجي. آئرلينڊ جي حڪومت محسوس ڪيو ته اهو فيصلو حالتن کي معمول تي آڻڻ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي و?? ۾ ??طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستا?? ۾ ??نهنجو ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي آئرلينڊ جي فيصل?? کي ساراهيندي چيو ته اهو نئون مشن ڊبل?? ۾ ??اڪستان جي مشن سان ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام جي و?? ۾ ??ٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وزيراعظم سائمن هيرس کي پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.
وزيراعظم جو جمهوريه آئرلينڊ جي وزيراعظم سان ٽيليفونڪ رابطو، فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo