اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف عل?? زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تحت ڏني وئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو لاڳو قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث قيدين تي نه ٿيندو. ا??ڙي طرح سزائن ۾ گهٽتائي جو لاڳو زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين کانسواءِ مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه ٿيندو. غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ 1946ع ۽ منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع تحت سزا يافته ماڻهن تي به سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه ٿيندو. 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا اهڙا مرد قيدي جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪا??ي چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي هڪ ڀاڱي ٽي قيد ڪا??ي چڪيون آ??ن انهن تي سزائن ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. ا??ڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪا??ي چڪا آ??ن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90، 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی