اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ت?? گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ سياسي ڊائيلاگ جو نائون دور ٿيو جنهن جي گڏيل صدارت پرڏي??ي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سرو?? جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ايزيڪ مورا ڪئي. ترجمان چيو ت?? هنن يورپي يونين جي فليگ شپ پروگرامز گلوبل گيٽ وي اسٽريٽجي ۽ هورائزن يورپ تحت نوان موقعا ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ت?? ڌرين پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورنر خن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان، واپار ۽ ترقياتي تعاون، سلامتي، موسمياتي تبديلي کانسواءِ مائيگريشن ۽ موبلٽي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ شامل آهي. ٻنهي ڌرين اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ تيزي سان بدلجندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي جي وچ ۾ ويجهي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو.
پاڪستان ۽ يورپي يونين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فالو اپ قدمن جي لاءِ اداراجاتي مڪينزم جا باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی