اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پا??يس?? هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پوسٽل لائيف انشورنس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پوسٽل لائيف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پوسٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پا??يس?? خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي کانپوءِ پوسٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتسب پنهنجي فيصلي ۾ ق??ار ڏنو ته فوتي پا??يس?? هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پا??يس?? خريد ڪئي ۽ پوسٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پا??يس?? جاري ڪئي. فيصلي موجب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگي کان انڪار بدانتظامي جي برابر آهي. ??مپ??ي وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ ق??ار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس موجب ڪا انشورنس پا??يس?? شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ م??تل?? ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر هدايت ڪئي ته پوسٽل لائيف وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشورنس ڪليم ادا ڪري.
صدر پاران پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل