اسلام آب??د-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي ??ضائي فوجن وچ ۾ گڏيل فضائي مشقن ذريعي سهڪار ۽ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن پاڪ فضائيه ۽ آمريڪ?? فضائيه وچ ۾ تربيتي شعبي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فني صلاحيتن ۽ وفدن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه طرفان تازو ئي قائم ڪيل ٽيڪنو پارڪس ۾ سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ آپريشنل تيارين ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني ترقي کي ڪتب آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ڏئي گڏيل منصوبن ۽ شراڪتداريءَ لاءِ گڏيل سهڪار جي دائره ڪار جي ??ئين سر تنظيم ۽ ان ??قصد لاءِ نيون راهون استوار ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايئر چيف پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ پهريان کان ??وجود خوشگوار لاڳاپن جو احاطو ڪندي ٻنهي اتحادي ملڪن وچ ۾ پهريان کان ??وجود هم آ??نگي ۽ شراڪتداريءَ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي ??نهنجي ڀرپور عزم جو ورجاءُ ڪيو. هوائي فوج جي سربراهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ??نهنجي ??ضبوط سفارتي، اقتصادي ۽ دفاعي لاڳاپن کي قدر جي ??گاهه سان ڏسي ٿو جيڪي علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام بابت سڀني اهم معاملن ۾ گڏيل اتفاق راءِ تي قائم آ??ن. آمريڪي سفير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي ??يشوراڻي مهارتن جي تعريف ڪئي ۽ـ موجوده عسڪري قيادت جي سائي ۾ پاڪ فضائيه طرفان ??اڻڀرو ٿي ميدان ۾ ڪيل نمايان اڳڀرائين کي ساراهيو. آمريڪي سفير علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم جي به تعريف ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تربيتي شعبي جي بهتري ۽ـ آپريشنل صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده عسڪري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ اها ملاقات پُراڻي ٻه طرفن لاڳاپن ۽ دفاعي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ٻنهي پاسن جي عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.
پاڪ فضائيه جي سربراهه سان آمريڪي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی