اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن ??ي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي قابض فوج هلندڙ سال جي پهرين 8 مهينن دوران والاريل علائقي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 68 ڪشميرين کي شهيد ڪيو جن مان 13 ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويو. اها ڳالهه پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ??فتيوار پريس بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته ان دوران اٽڪل 2900 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ سياسي ڪارڪن، واپاري، عورتون ۽ نوجوان شامل آهن. ترجمان چيو ته اهڙي طرح جي ڪاررواين جو مقصد ڪشمي??ي عوام کي پنهنجي حقن ۽ آزادي جو مطالبو ڪرڻ جي عزم ۽ ارادي کي ٽوڙڻ آهي ج??هن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب خودمختياري جو حق به شامل آهي. هن چيو ته انساني حقن ??ون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ ا??هن ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ٿيڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ??ڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا