اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت پڻ مشاورت ٿي، وفد آءِ ايم ايف سان معاهدي تي و??ير??عظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. و??ير??عظم آفيس جي ميديا ونگ موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال شريڪ هئا. ان موقعي تي ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز ص??دق به موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ٿي. ملاقات و??ير??عظم جي نگران حڪومت جوڙڻ بابت اتحادين سان مشاورت جي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. ملاقات ۾ تازي آدمشماري بابت مشاورت ٿي. وفد و??ير??عظم کي ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري منصوبن جي ذاتي نگراني ۽ ترجيحي بنيادن تي ان تي ڪم يقيني بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. متحده جي وفد و??ير??عظم جي ق??اد?? ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف سان معاهدو مڪمل ٿيڻ تي و??ير??عظم کي خراج تحسين پيش ڪيو.
وزيراعظم سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔