اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتح??دي حڪومت روس سان رعايتي قيمت تي خام تيل پاڪستان آڻڻ جو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو، روس مان خام تيل جو سامونڊي جهاز ڪراچي پهچي ويو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ روس مان ايندڙ تيل جو پهريون جهاز آهي، ان کي چوندا آهن واعدن کي پورو ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جا مسئلا ??ل ڪرڻ ??ي اهليت، نيت ۽ عوام جي سچي خدمت. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سدائين وانگر عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري رهيو آهي، الحمدالله هڪ سال جي مخلصاڻي ۽ ديانتدار محنت رنگ آڻي رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری