اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگان?? اريگا پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد ۾ آهي. دوري دوران پاڪستان ۽ ايٿوپيا سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ تعاون تي ڌيان ڇڪرائڻ سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير اڱاري ڏينهن پاڪستان پهتو هو. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. هو خميس ڏينهن پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان ملاقات ڪندو ۽ ايٿوپيا جي سفارتخاني جي افتتاحي تقريب ۾ به شريڪ ٿيندو. ترجمان چيو ته ٻئي ملڪ سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي، واپار ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين ٻطرفن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. هن چيو ته ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جي دوري جي موقعي تي ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ ايٿوپين ??يئرلائينز جي پهرين ??ڌوسنئون اڏام جي به شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته وفد ۾ ايٿوپيا جي سا??نس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ علائقائي يڪجهي جا مملڪتي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل آهن.
ايٿوپيا جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais