اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ ا??لام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاه تي ويو ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مفتي عبدالشڪور ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر هو، هو انتهائي سادو ۽ نيڪ انسان هو. هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جي اوچتي حادثي ۾ لاڏاڻي تي دل ڏکويل آهي، مون سميت پوري قوم جو?? سموريون همدرديون مفتي عبدالشڪور جي گهر??ات??ن سان آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2