اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??يو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظمن کي منهن ڏ??و آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير ??يو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي قابض فوج ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ کين سندن حقن کان محروم ڪري رکيو آهي، هن ??يو ته اڄ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي مقرري وارن علائقن مان هڪ آهي جتي 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀارتي فوجي مقرر آهن. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن سان والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀارتي حڪمرانن چونڊ تڪن جي تازي حد بندي، غير ڪشميرين کي لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ لکين غير ڪشميرين کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، هن ??يو ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ۽ عدالتن کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري آهي، سياسي ڪارڪنن ۽ انسان?? حقن جي محافظن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ، غير قانوني حراستن، تشدد ۽ جائيدادن جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن ??يو ته ڀارت کي پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انسان?? حقن جي پنهنجي سنگين خلاف ورزيون ختم ڪرڻيون پونديون. ڀارت آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلين سميت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. هن ??يو ته ڀارت سخت قانونن کي ختم ڪري ۽ عدالت کان مٿانهين قتل جي معاملن ۾ گڏيل قومن جي طرفان ڏنل جاچ جي اجازت ڏي ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پرڏيهي وزير ??يو ته مون پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ياد ڏيارڻ چاهان ٿو ته جيستائين ڪشميري ڀارتي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سک سان نه ويهندو ۽ نه ئي خاموش تماشائي بڻجندو. ڄمون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري ??يو ته اسان ڪشميري عوام جي ان وقت تائين اڻ??ر اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندا جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري وار?? حق حاصل نٿو ٿئي.
پاڪستاني عوام ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena