اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ?? مٿو ڍڪي عورتن کي ??ماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر مرڪزي هال ۾ نه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چ??و ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي ??فٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي ??نهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪ??و ته انهن پابندين کي ??نهن ڏيندي عورتون پنهنجي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته منهنجي راءِ ۾ عورتن کي ??رڪزي هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ مرڪزي هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چ??و ته منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي ??نهنجي رپورٽ ۾ ٻڌا??و ته صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آهي، مرڪزي هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.
صدر فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : sorteios quina