رياض – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ود?? عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي رياض پهچي ويو، رياض جي گ??رنر فيصل بن بندرالسعود رياض ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ و??يراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف س??ود?? عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي اهو دورو ڪري رهيو آهي، رياض ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم س??ود?? ولي عهد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي شعبي ۾ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم س??ود?? فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن