اسلام آباد- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته ماحولياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتا??ي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي موسمياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، ڪيترائي ضلعا ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا، تيزي ??ان ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن واٽر ويڪ 2022ع ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تباهڪارين کي منهن ڏئي رهيو آهي، گليشئر ڦاٽي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ ۽ هيٽ وويو کي به منهن ڏئي رهيو آهي، هي سڀئي تبديليون پاڪستان کي شديد متاثر ڪري رهيون آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتا??ي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ماحولياتي تباهڪارين سبب 32 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو. ڪيترائي ضلع ٻوڏ سبب مڪمل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته تيزي ??ان ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان شديد متاثر ملڪ آهي، موسمياتي تبديلين سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سانوڻي ۾ موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد ۾ شدت آئي. هن چيو ته ٻوڏ سبب هڪ ملين کان چوپايو مال مري ويو، زرعي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو جنهن سبب فو?? سيڪيورٽي جو مسئلو ٿيو، ڪلائميٽ سمارٽ اگريڪلچر جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ دنيا جو وسيع ترين ايريگيشن سسٽم آهي، زرعي پيداوار جو دارومدار پاڻي تي آهي، پاڻي، فو?? ۽ ايڪوسسٽم لاءِ پاڪستان حڪومت نيشنل واٽر پاليسي جي منظوري ڏني، واٽر ريسورسز سيڪٽر لاءِ ا??ان پي ايس ڊي پي جو 12 سيڪڙو رکيو. هن چيو ته 2 ميگا ڊيم ديا مير ڀاشا ۽ مهمند ڊيم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. نون ڊيمن جي سٽوريج گنجائش بهتر هوندي ۽ جيڪا پاڻي جي کوٽ ٿي آهي اها پهرين واري سطح تي اچي ويندي، انرجي سيڪيورٽي لاءِ حڪومت ماحول دوست هائيڊرو پاور منصوبا لڳائي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ انويس??ر فرينڊلي پاليسيون پروموٽ ڪيون پيون وڃن. واٽر ڪنزرويشن لاءِ بلوچستان ۾ 100 ننڍا ڊيم ٺاهيا ويا آهن، بلوچستان ۾ ٻوڏ س??ب انهن ننڍن ڊيمن کي نقصان پهتو آهي.
ماحولياتي تبديلين سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، پاڪستان کي ماحولياتي تباهڪاري سبب 32 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی