اسلام آ??اد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمر??ن خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته قومي سلامتي سان کيڏندڙ فارن ايجنٽ اسلام آ??اد ڪرڻ ڇا اچي رهيو آهي؟ عمر??ن خان قومي مفادن سان اها ڪڌي ۽ سنگين راند ڪيستائين کيڏندو رهندو؟ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بدران لانگ مارچ جي تياري، معيشٽ تباهه، 20 هزار ارب جو تاريخي قرض وٺندڙ فارن ايجنٽ ڪوڙو اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عمر??ن خان جي لانگ مارچ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوال ڪيو ته پاڪستان جي معيشت کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جي سازش ڪندڙ فارن ايجنٽ اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته فارن ايجنٽ 95 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، 2 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي جهنم ۾ ڌڪيو، هاڻي هو اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته پارليامينٽ ک?? ٽوڙيندڙ آئين شڪن اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ عدليه ۽ ججن کي ڌمڪائڻ، ادارن تي الزام هڻڻ ۽ سياست ۾ ڌڪيندڙ اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ هن چيو ته ڪشمير فروش فارن ايجنٽ اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ توشه خانه جو چور، فرح گوگي، پيرني جي ڪرپشن جو شريڪ ڏوهاري اسلام آ??اد ڇا ڪرڻ اچي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمر??ن خان اڳ ۾ انهن سوالن جا جواب ڏي ۽ پوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪري.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران عمران خان کي لانگ مارچ جي تاريخ ڏيڻ کان اڳ ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڏيڻ جو چئلينج
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ