اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو. هن برطانوي هاءِ ڪميشن ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستا?? جي عوام پاران شاهي خاندان ۽ برطانيا جي ماڻهن سان ڏکويل دل سان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو?? ان جو لاڏاڻو 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه برطانيا برطانوي عوام ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، ملڪه برطانيا جي زندگي عوامي خدمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار سان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي حيثيت س??ن ا?? جي پاڪستا?? جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ايلزبيٿ ٻه شائستگي، توازن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آنجهاني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عورت هئي، آنجهاني ملڪه جي خيراتي ادار?? جي سرپرستي، دنيا ۾ ام?? جي فروغ جي لاءِ ڪوششون غيرمعمولي هيون. برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته آنجهاني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستا?? جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ايلزبيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستا?? جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.
صدر پاران ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada