اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متا??رن جي امداد ڪرڻ جيڪا پهرين ڏينهن کان جاري آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم متا??رن سان گڏ بيٺل آهي، ٻوڏ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، خاص طور تي پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن سندس صدارت هيٺ ??يش??ل فلڊ ريسپانس ڪو آرڊي??يش?? سينٽر جي اجلاس م ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو و??و. وفاقي وزير ??يش??ل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ سروي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متا??رن جي امداد ڪرڻ آهي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نقصان جو جائزو و??ڻ لاءِ جلد سروي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو. وفاقي وزير صحت واري وزارت ۽ صوبائي حڪومتن جي اختيارين تي زور ڀريو آهي، ته اهي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ طبي امداد ۾ تيزي آڻين ۽ ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين ۾ آءِ اين جي اوز ۽ اين جي اوز کي شامل ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچائي سگهجي.
حڪومت جي اولين ترجيح ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪرڻ آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج