اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀائر ملڪ گڏيل عرب امارات مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 50 ملين ڊالر جو امدادي سامان اچڻ شروع ٿي ويو آهي. گذريل رات صدر محمد بن زيد النهان سان ٽي??يفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن يقين ڏياريو ته هو ٻوڏ متاثرين جي امداد جاري رکندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يو اي اي جي صدر جي دعوت تي منهنجو 3 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارا?? جو دورو طئي هو پر اسان سڄو ڌيان متاثرين جي ريليف ۽ بحالي تي ڏيڻ جي لاءِ ان دوري کي ملتوي ڪرڻ جو ف??صل?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ سان گڏ بيهندڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جا سدائين قرضي رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم