اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي سامون??ي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فري سروس جي ذريعي سامونڊي چرپر سان سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي مناسب ۽ سستي سفري سهولتون ??لن??يون. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان بوٽ ريلي اينڊ فشنگ ٽورنامينٽ جي سي اي او احمد مامور اميني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عالمي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري احمد حنيف اورڪزئي، ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت، پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جا نمائندا موجود هئا. صدر ??يو ته فيري سروس سان پاڪستاني سامان جي ٻين حصن تي چرپر جو هڪ عمل جوڳو وسيلو ميسر ٿيندو. فيري سروس سان بندرگاهن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقي کانسواءِ سياحت کي به فروغ ??لن??و. صدر ??يو ته پاڪستان جي سامونڊي پٽيءَ کي ان جي ڀرپور صلاحيتن موجب ترقي ڏيڻ گهرجي. سامونڊي علائقي جي ترقي سان سامونڊي علائقن ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ۽ مقامي آبادي کي روزگار ??لن??و. صدر ??يو ته سامونڊي علائقي جي ترقي سان پاڪستان جي منفرد جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ??لن??ي. صدر سامون??ي سفر جي فروغ لاءِ ضروري بنيادي ڍانچي جي تعمير جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سامون??ي سفر جي فروغ لاءِ سڀني ڌرين جي مشاورت سان سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. لاڳاپيل ادارا هڪ ٻئي سان ويجهي هم آهنگي سان ڪم ڪن. هن چيو ته باقاعده، رسمي ۽ قانوني سامون??ي سفر کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته پاڪستان عالمي سامونڊي راندين جو مقابلو منعقد ڪرڻ ڪافي آمدني ڪمائي سگهي ٿو. بوٽ ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سڀئي ??ريون گڏجي ڪم ڪن. صدر ??ي ان موقعي تي پاڪستان ۾ سامون??ي سياحت جي امڪانن بابت بريفنگ به ڏني وئي. صدر ??ي پاڪستان ۾ بليو ٽوئرازم جي امڪانن ۽ پاڪستان جي سافٽ اميج کي بلند ڪرڻ ۾ پاڪستان بوٽ ريلي ۽ فشنگ ٽورنامينٽ جي ڪردار بابت ٻڌايو ويو. گذريل سال پاڪستان بوٽ ريلي ڪراچي کان گوادر تائين 9 بيڙين تي پنج ڏينهن ۽ چار راتين سان 650 ڪلوميٽر جو سفر ڪيو جنهن کي دنيا جي سڀ کان ڊگهي بوٽ ريلي جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان بوٽ ريلي هڪ عالمي ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن ۾ ڀرپاسي جي ملڪن جا ٻيڙي هلائيندڙ به شرڪت ڪندا.
سامونڊي سياحت ۽ بليو اڪانامي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي سمنڊ، جذيرن ۽ سامونڊي ماڳن کي عالمي معيار موجب ترقي ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری