اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪست??ن جمهوريه پو??ينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پو??ينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پو??ينڊ لاءِ پاڪست??ن جي نامزد سفير ڊاڪٽر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پو??ينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪست??ن جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پو??ينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پو??ينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پو??ينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پو??ينڊ ۾ پاڪست??ن جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.
پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا