اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ ا??صا?? جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏ??ندي چيو آهي ته عمران خان شهب??ز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شهب??ز شريف انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شهب??ز شريف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شهب??ز شريف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شهب??ز شريف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شهب??ز شريف انشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، مديني جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خان جو نئون بيانيو ڏ??ڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظار ڪيو، وفاقي وزير چيو ته شهب??ز شريف توهان جي تباهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نو??ز شريف ۽ شهب??ز شريف، حڪومت ۾ به نو??ز شريف ۽ شهب??ز شريف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نو??ز شريف ۽ شهب??ز شريف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شهب??ز شريف عمران خان جي تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي باهه شهب??ز شريف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏ??ڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45
عمران خان شهباز شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada