اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ايل اين جي جا ڊگهي مدي و??را معاهدا ڪرڻ ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي آهي جنهن جي ڪري اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي، انشاءَ الله قوم کي هن مشڪل مان ڪڍنداسين، اڳوڻي حڪومت سستي گئس خريد ڪرڻ جو موقعو ڄاڻي و??ڻي وڃايو، لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ اسان جي ذميواري آهي، قطر سان ڪيل شفاف معاهدي کي اڳوڻي حڪومت تنقيد جو نشانو بڻايو، اڳوڻي حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي. ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهائيندي و??يراعظم چيو ته لوڊشيڊنگ ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اسان جي ڪوششن جا اڃا تائين خاطرخواهه نتيجا نه نڪري رهيا آهن، گذريل حڪومت بجلي جي پلانٽس جي مرمت نه ڪرائي، بند پيل پلانٽس کي اسان جي حڪومت سخت محنت سان مرمت ڪري هلايو. هن چيو ته هن وقت ٻارڻ جو تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، تيل ۽ گئس جون قيمتون عالمي منڊين ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي آهن، اسان کي ا??و سوچڻو پوندو آهي ته ايتري مهانگي تيل ۽ گئس تي بجلي ٺاهيون ته ان تي ڪيترو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيندو، اسان هڪ هڪ پئسو بچائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان خام مال ۽ مشينري جي درآمد تي ??ابندي هنئي ته جيئن اڍائي کان ٽي ارب ڊالر ساليانو بچت ٿي سگهي. هن چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون بلند ترين سطح تي ??يڻ جي ڪري اسان ايل اين جي جي لاءِ جيڪي ٽينڊر ڏنا ان ۾ ڪجهه ٽينڊرز ۾ ڪا بڊ ئي ناهي آئي، جيڪا بڊ آئي ا?? ۾ 40 ڊالر في يونٽ گئس مهانگي ملي رهي آهي. هن چيو ته ان جي سببن کان اسان سٺي طرح آگاهه آهيون جڏهن ته ان بحران مان پاڪستان کي ڪڍنداسين. هن چيو ته گذريل حڪومت پنهنجي سياسي مخالفن کي ديوار سان لڳائڻ جي لاءِ لڳايل وقت جو اڌ به ان تي ??ڻي ها ته اڄ اها صورتحال نه هجي ها. هن چيو ته نواز شريف جي دور ۾ اسان 13 ڊالر جو معاهدو ڪيو جڏهن ته ان تي ا??تري ا??زام بازي ڪئي و??ي ته قطر ان شفاف معاهدي تي تنقيد جي ڪري پريشان ٿي ويو، اسان اهو معاهدو 15 سالن جي لاءِ جڏهن ته 10.4 ڊالر تي 5 سالن جي لاءِ معاهدو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن گذريل حڪومت ڊگهي مدي و??را معاهدا ڪري ها ته اڄ گئس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿئي ها، هن گئس خريداري ۾ مجرماڻي غفلت ڪئي، 6.5 ڊالر ۾ ڊگهي مدي و??را معاهدا نه ڪيا، ان ۾ ايتري سياسي بصيرت به نه هئي، اسان ڏينهن رات سخت ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته ان تي ضابطو آڻيون. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن بجلي نه هجي ته عوام بددعائون ڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن انڊسٽري کي گئس نه ملي ته روانگي و??کار ڏچڪو لڳي ٿو، هي هڪ مشڪل چئلينج آهي ا?? جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته عظيم دوست چين جي تعاون سان سي پيڪ تحت ڪوئلي جا پلانٽ لڳا آهن، آفريقا ۾ هن وقت ڪوئلي جون قيمتون بلند ترين سطح تي آهن، مشڪل صورتحال مان الله چاهيو ته ضرور نڪرنداسين. هن چيو ته چين جي حوالي سان ريوالونگ اڪائونٽس نه کولڻ تي چين کي گذريل هڪومت جي ا?? قدم تي اعتراض هو، سيمنز ڪمپني ساڍا 12 سئو ميگاواٽ جو پلانٽ لڳايو، اڍائي سال اڳ اهو پلانٽ هلڻ گهرجي ها پر بند پيو آهي، جنهن جي ڪري 30 کان 40 ارب رپيا ضايع ٿيا، پن بجلي جي منصوبن ۾ ڄاڻي و??ڻي دير ڪئي و??ي، اهو چئلينج اسان کي و??ثي ۾ مليو، ان کي اسان کي حل ڪري پاڪستان کي ا?? بحران مان ڪڍڻو آهي ا??و وقت پري نه آهي جڏهن لوڊشيڊنگ گهٽ ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي.
اڳوڻي حڪومت جي مجرماڻي غفلت سبب اڄ بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ درپيش آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات