اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي اقتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن لاءِ پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ سازگار ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع فريم ورڪ جي فراهمي جي لاءِ اقتصادي پاليسي جوڙي وئ?? آهي. صدر عارف علوي اها ڳالهه آمريڪن بزنس فورم جي صدر وسيم انور جي قيادت ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان هڪ آزاداڻي سيڙپڪاري جو نظام متعارف ڪرايو آهي ۽ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ سرگرم عمل آهي، هن چيو ته آمريڪي واپارين کي پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ سيڙپڪاري دوست پاليسي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر وفد جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي مالي امداد طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ انهن جي مهارتن جي ترقي لاءِ ڪم ڪن ۽ کين پاڪستان ۾ قائم پنهنجي لاڳاپيل فرمن ۾ نوڪريون فر??هم ڪن. ان موقعي تي وفد بريفنگ ڏني ??ه ان جو ??هم مقصد آمريڪي ڪمپنين کي ڪاروبار ۾ توسيع ۽ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪاري کي وڌائن لا3 پليٽ فارم فر??هم ڪرڻ آهي، فورم واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جيڪو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ گهڻو ضرور?? آهي. وفد مڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو، صدر کين سهولتن جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان تعاون فر??هم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ سان گڏوگڏ قومي اقتصادي ترقي جي هدفن کي اڳتي وڌائن لاءِ پنهنجي جيو اڪنامڪ جاگرافيائي بيهڪ جي بهترين استعمال تي ڌيان ڏئي رهيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال