ملتان – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جي حيات طيبه جي ??يرو?? ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي، عوام جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي تقريبن ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان حصو وٺي رهي آهي،
هن چيو ته ڪجهه قوتون پاڪستان ۾ افراتفري ۽ انتشار چاهين ٿيون پر انهن جا ارادا پورا نه ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي ??وقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ان مبارڪ ڏينهن ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪري??ن ٿو ته هو پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکي.
شاهه محمود قريشي چيو ته عيد ميلاد النبي ﷺ جي ??وقعي تي سڄي ملڪ مان شهري نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ سان پنهنجي ??حبت ۽ عقيدت جو ڀرپور اظهار ڪري رهيا آهن، هن چيو ته دعاڳو آهيان ته رب العالمين انهن جي عقيدت کي قبول فرمائي ۽ دعاڳو آهيان ته الله پاڪ پ??ڪستان کي خوشحالي، ترقي ۽ استحڪام نصيب فرمائي.