اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ??ري ??ڏيا آهن، ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي مان جاري ??يل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 584 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آي?? جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 46 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 724 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 42، پنجاب ۾ 10 هزار 211، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 210، اسلام آباد 2 هزار 622، بلوچستان 895، گلگت بلتسان ۾ 397 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 237 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 88 هزار 536 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وي??ٽي??يٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وي??ٽي??يٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 3 لک 955 آهي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 389، بلوچستان 13 هزار 401، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 164، اسلام آباد ۾ 15 هزار 862، خيبرپختونخوا ۾ 36 هزار 862، پنجاب ۾ 97 هزار 602، سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 675 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری