اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) پاڪستان چيو ??هي ته اهو ڀارت سان تڪرارن جي نبيري لاءِ ڳالهين کي بهتر رستو قرار ڏئي ٿو ۽ ان ما??ي ۾ تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته ڀارت ج??هن به تڪرارن کي نبيرڻ لاءِ ڳالهين ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو ته پاڪستان به ڳالهين جا درواز کليل رکندو. پرڏيهي ترجمان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي تازي بيان تي جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت وچ ۾ ڪوبه ڏار پيدا نه ٿي سگهندو ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي فوجي قيادت جمهوري عمل اڳتي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha