نئين دهلي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو ??ڪا?? ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڀرت پور ضلع جي ٽريفڪ پوليس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته جئه پور- آگرا شاهراه تي گجرات رياست کان مسافرن کي کڻي مذهبي رس??ن جي ادائگي لاءِ اتر پرديش ويندڙ بس فني خرابي سبب انترا فلاءِ اوور تي بيٺي هئي ته ان دوران پٺيان آيل هڪ ٽرالر بس کي زوردار ٽڪر هنيو جهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو ??ڪا?? ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته فوتين ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقامي پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو روڊ حادثن جو ??ڪا?? ٿيندا آهن. حڪومت 2024ع تائين روڊ حادثن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو 50 سيڪڙو تائين انگ گهٽائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر 11 ڄڻا اجل جو شڪار، 12 زخمي
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا