غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئين تعمير ٿيل گهرن جا مل??يت?? ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير??عظ?? چيو ته هو آگسٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. اڄ هتي نئين بستي تعمير ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي گهرن جا مل??يت?? ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وزير??عظ?? متاثرين جي بحالي، آبادڪاري ۽ نئين سر تعمير تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏني ۽ هدايت ڪئي ته نئين تعمير ٿيل گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائڻ کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزير??عظ?? ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ ويم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزير??عظ?? ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي. وزير??عظ?? متاثرين کي انهن جي گهرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وزير??عظ?? بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزير??عظ?? کي نئين تعمير ٿيل گهرن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زمين تي تعمير ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 62 گهر آهن. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گلگت شندور رستو پڻ تعمير ڪيو پيو وڃي. وزير??عظ?? ان منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ گلگت بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.
وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔