اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي)قومي اسيمبل?? جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پ??ش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس شمار قائداعظم محمد علي جناح جي انتهائي بااعتماد ۽ مخلص ساٿين ۾ ٿئي ٿو، شهيد ملت ۽ پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ورس?? جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان جي ورس?? جي موقعي تي قوم ۽ ملڪ لاءِ پ??ش ڪيل قربانين ۽ خدمتن کي خراج عقيدت پ??ش ڪريون ٿا. هن چيو ته شهيد ملت لياقت علي خان تحريڪ پاڪستان جي سرگرم اڳواڻ قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو. اسپيڪر چيو ته لياقت علي خان آزادي واري تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن پاڪستان جي وزيراعظم طور ملڪ جي بنيادن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ قوم کي متحد ڪرڻ لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. شهيد ملت اصولن ۽ نظرين تي ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان جي آزادي، سلامتي ۽ ترقي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پر??من بڻائڻ ۾ اسان کي لياقت علي خان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر لياقت علي خان جي ورسي کي قومي يڪجهتي ۽ اتحاد سان ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته شهيد ملت کي خراج عقيدت پ??ش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن الله تعاليٰ کان لياقت علي خان جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪئي.
لياقت علي خان جي ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن