اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ري??يز (ڇتي ڪتي جي چڪ پائڻ سان پيدا ٿيل بيماري) جو عالمي ڏينهن اڄ 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو. گڏيل قومن جي صحت جي ع??لمي اداري جي سهڪار سان 2007ع کان هر سال اهو ڏينهن 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا ۾ ري??يز جي بيماري جي حوالي سان آگاهي ۽ ان کان تحفظ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي، ري??يز ڪتي جي چڪ پائڻ سبب پيدا ٿيل هڪ بيماري آهي، جيڪا دنيا جي قديم بيمارين ۾ شامل آهي. ان بيماري جي علامت ۾ پاڻي کان ڊڄڻ، گلي ۾ سور، ساهه ٻوساٽجڻ جو احساس، جسم جي ع??ون جو چرپر نه ڪري سگهڻ، الٽي جي ڪيفي?? ۽ ??لٽيون ٿيڻ، طبيعت هر وقت خراب رهڻ، ذهني مونجهارو ۽ هوش هواس وڃائڻ، مٿي جو سور، وات مان گج نڪرڻ، هوا کان ڊڄڻ، اوچتو گوڙ ٻڌي دورو پوڻ، ڳيت ڏيڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچڻ ۽ ننڍ جو نه اچڻ شامل آهي. جيڪڏهن ري??يز ٿي وڃي ته ان جو علاج نٿو ٿي سگهي، پر ان جي ويڪسين جي وقت سر استعمال سان ري??يز کان بچي سگهجي ٿو.واضح رهي ته ري??يز رڳو ڪتي جي چڪ پائڻ سان نه پر ٻلي، لومڙي جهڙن جانورن جي چڪ پائڻ سان به هر سال هزارين ماڻهو ري??يز جي بيماري جو شڪار ٿي زندگي وڃائي ويهندا آهن. ان ۾ پالتو جانور به شامل ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ريبيز جو عالمي ڏينهن 28 سيپٽمبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج