اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ۽ بي پناهه مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ سيد علي گيلاني جو پختو عزم بي مث??ل هو. ترجمان چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جو سچو آواز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائي?? گهر ۾ نظربند رهڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي جي لاءِ سيد علي گيلاني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس ياد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردا??ن م??جب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.
پاڪستان پاران ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن