اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان ??وجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽ?? سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت ??ڀ کان ??ڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت ??و سڀ کان ??ڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ڳٺڙين جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽ?? سيڊ ۽ ڪاٽ?? سيڊ ڪيڪ جي سيلز ٽيڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ٽيڪسن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز ايسوسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن جننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي، حڪومت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان ??اڳو ڪيل سيلز ٽيڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ هو ته گذريل سيزن دوران ??لڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ڳٺڙيون پيدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.
ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania