اسلام آباد ??? 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ٻارن، ٻ?? عورت هيلٿ ورڪرز، چوڪيدا?? ۽ ??وابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد جاويد اقبال جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪندي چيو ته پاڪستان ??ان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪستان ??ان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو ڪندڙ بزدل دهشتگرد عنصرن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.
وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea