ڪراچي – 20 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو آهي ته معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي. اها ڳالهه هن به??ود گرلز ڪاليج اينڊ هايئر سيڪنڊري اسڪول جي اهتمام هيٺ به??ود ايسوسيئيشن ڪراچي ۾ منعقد استادن جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته استادن جي حوصلا افزائي تمام ضروري آهي. خاتون اول چيو ته استاد اسڪول جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪن ٿا. ثمينه علوي چيو ته شاگردن جي بهتر تع??ي?? جي لاءِ انهن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، تع??ي?? جي فراهمي اهم آهي، اسان کي تع??ي?? جي ذريعي تبديلي آڻڻ گهرجي، ڇوڪرين ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ هر هڪ جي ذميواري آهي. هن ڇوڪرين کي تع??يم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. خاتون اول چيو ته قو?? جي حيثيت سان اسان کي گهٽ شرح خواندگي جو چئلينج درپيش آهي، عورتن جي خواندگي جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئون ڇاتيءَ جي ڪينسر تي پڻ ڪم ڪري رهي آهيان. خاتون اول چيو ته صدر تع??يم تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 26 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چيو ته اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ڇو ته باباءِ قوم پڻ ٻارڙين کي تع??ي?? جي فراهمي جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو باصلاحيت آهن، تع??يمي نظام تي نظرثاني ڪئي وڃي، اسان کي پنهنجي ٻارن جي قدرن ۽ ڪردارسازي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته به??ود کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي.
معاشري جي ترقي ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی