اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ليفٽ??نن?? جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ ??فيسر اسان جي قوم جو فخر آهن، قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ليفٽ??نن?? جنرل سرفراز ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ ??فيسر اسان جي قوم جو فخر آهي، انهن جي شهادتن کي اڄ پورو هڪ سال گذري ويو آهي، مون سميت سڄي قوم لسٻيلا هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت ماڻيندڙ ملڪ جي انهن عظيم فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. تاريخ گوا??ه آهي ته ملڪ کي ميري اک سان ڏسندڙ ??شمن جو مقابلو هجي، دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو هجي يا قدرتي آفتون هجن، قوم جڏهن به پنهنجي جوانن کي ياد ڪيو انهن پنهنجو رت قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو. قوم ڪڏهن به انهن جون قربانيون نه وساريندي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ليفٽ??نن?? جنرل سرفراز علي شهيد، برگيڊيئر امجد حفيظ شهيد، برگيڊيئر محمد خالد شهيد، ميجر سعيد احمد شهيد، ميجر ايم طلحيٰ منان شهيد ۽ نائيڪ مدثر فياض شهيد جون تصويرون به شيئر ڪيون.
ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ ساڻس گڏ شهيد ٿيندڙ آفيسر اسان جي قوم جو فخر آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز