اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادا??ن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن ??و اظهار صوبائي محتسب بلو??ست??ن نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي محتسب بلو??ست??ن صدر کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ادا??ن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوبائي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون خدم??ون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلو??ست??ن جي عوام کي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موقعي تي صوبائي محتسب صدر کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن ??و انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوبائي محتسب بلو??ست??ن چيو ته صوبائي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪاي??ون مليون جن مان 1043 شڪايتن ??و ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪاي??ون تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلو??ست??ن جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.
صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا