آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ قوم تمام بهادر ۽ عظيم قوم آهي، زلزلي کان متاثر ترڪ ڀائرن جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين، عالمي برادري ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اڳتي اچي، اميد آهي ته رجب طيب اردوان جي ??يادت ۾ تاريخ جي ان بد??رين الميي کي منهن ڏيڻ ۾ ترڪ قوم ڪامياب ٿيندي. ترڪيه جي زلزلي متاثر علائقي آديامان جي دوري جي ??وقعي تي ترڪيه جي سرڪاري ٽي وي آر ٽي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ترڪيه ۾ بد??رين زلزلي سان 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ??يا ۽ وڏيون ملڪيتون تباهه ٿيون آهن، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته رجب طيب اردوان جي ??يادت ۾ متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري جو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪيو ويندو پر جن ماڻهن جا پيارا هن زلزلي جي ڪري انهن کان وڇڙي ويا آهن اهي انهن کي واپس نه ٿا ملي سگهن، هزارين ماڻهن سان ائين ٿيو ته انهن جا پيارا انهن کان وڇڙي رهيا آهن، آئون پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران متاثرين سان تعزيت، همدرديءَ ۽ يڪجهتي جي ??اءِ آيو آهيان، هن سانحي ۾ مارجي ??يندڙن جي ??اءِ دعا آهي ته الله تعاليٰ انهن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ جان ٻه دل آهن جن جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، پاڪستان ان وقت تائين سک سان نه ويهندو جيستائين آخري متاثر شخص واپس پنهنجي گهر ۾ اباد نه ٿو ٿي وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هي انساني الميو عالمي برادري جي بيدار ٿيڻ جي ??اءِ ڪال آهي، عالمي برادري، گڏيل قومون، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ۽ ٻيا عالمي فورمز مشڪل جي ??ن گهڙيءَ ۾ ترڪيه جي بهادر عوام سان گڏ بيهن، ترڪيه اڳ ۾ به اهڙن چئلينجن کي ڪاميابي سان منهن ڏنو ۽ مقابلو ڪيو آهي، اميد آهي ته ترڪ قوم تاريخ جي ان انساني الميي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي، عالمي برادري تي اڳتي اچي ۽ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هي سياست ۽ ذات جي ??ه هي بقاءَ جي جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا پراڻا ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، هو ترڪيه جي زلزلي سٽيلن جي امدادي ڪمن جي ??اڻ نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ترڪ ڀائرن جي مدد اسان جو فرض آهي، اسان هڪ خاندان وانگر آهيون، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائرن سان گڏ آهي، ترڪ حڪومت شهرين جي بحالي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ترڪيه ۾ ايندڙ زلزلو تاريخ جو شديد ترين زلزلو هو.
ترڪ قوم تمام بهادر ۽ عظيم قوم آهي، زلزلي کان متاثر ترڪ ڀائرن جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين، عالمي برادري ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اڳتي اچي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز