ني??يا??ڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان سندس پاران عا??مي اڳواڻن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي مو??عي تي مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، آمريڪي ص??ر پاران اهو آجياڻو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي مو??عي تي ڏنو ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن جي وچ ۾ ٿيندڙ مختصر ڳالهه ٻولهه مثبت ۽ تعميري هئي. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپا ٺوس بنيادن تي قائم رهيا آهن. هن چيو ته عا??مي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي تي همدردي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ هاڻي ان جذبي ??ي ٺوس قدمن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ سان وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي کانپوءِ بحالي ۽ بهتر تعمير طرف وڃي سگهي. حنا رباني کر چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ غيرمعمولي برساتن ۽ ٻوڏ سان نقصانن بابت عا??مي برادري کي ڀرپور طريقي سان آگاهه ڪيو آهي.
وزيراعظم جي آمريڪي صدر جو بائيڊن سان ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث