اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عو??ت مضبوط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ به مضبوط ۽ خوشحال هوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي قدمن جي ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منع??د تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بيگمه ثمينه عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي نمائندگي حوصلي واري آهي، هن چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي ??ڌي رهيون آهن، انهن ۾ صلاحيتن جي ڪا به کوٽ نه آهي. مذهب اسلام، پاڪستان جو آئين ۽ اسان جو معاشرو عورتن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. هن چيو ته تعليم ۽ آگاهي عورتن جي ڪاميابين جو اهم جزو آهن، موجوده حڪومت عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ مالي خودمختياري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. حڪومتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ عورتن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، ان ??لس??ي ۾ پارليامينٽ جي عو??ت ميمبرن، ڪاروباري ۽ ٻين نمايان شخصيتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ملڪي معاشي ترقي ۾ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ڪردار کي ساراهيندي هن چيو ته ڪاروباري ادارا عورتن کي اڳتي ??ڌڻ جا موقعا فراهم ڪن. عو??ت مضبوط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ مضبوط ۽ خوشحال هوندو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته صدر ۽ وزيراعظم عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ان ??لس??ي ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ خاص طور تي ??راثتي حقن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن خصوصي ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي انفرااسٽرڪچر ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي ذريعي اسان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا.
عورت مضبوط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ به مضبوط ۽ خوشحال هوندو: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری