اسلام آباد -03 جنوري (اي پي پي) چيف جس??س گلزار احمد سان ڪرڪ ۾ تيري مندر جي دوري تي آيل مختلف ملڪن جي هندو ياترين جي وفد هتي سپريم ڪورٽ ۾ ملاقات ڪئي. عدالت سڳوري پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق چيف جس??س هندو ياترين جي وفد جي آجيان ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي چيف جس??س چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي برداشت آهي، پاڪستان ۾ هر شهري کي مڪمل مذهبي آزادي ??اصل آهي، پاڪستان جون عدالتون بنيادي ??قن جون محافظ آهن. پاڪستان جي عدالتن هميشه پاڪستان جي آئين تحت اقليتي برادري جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي. ان موقعي تي پاڪستان هندو ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪما?? به موجود هو جنهن چيف جس??س گلزار احمد کي وفد جي باري ۾ ٻڌايو. ڊاڪٽر رميش ڪمار ڪرڪ ۾ تيري مندر جي بحالي لا??ِ چيف جس??س گلزار احمد جي قدمن جي به واکاڻ ڪئي. وفد ملاقات لا??ِ وقت ڏيڻ تي چيف جس??س جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا