اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي قيادت ۾ پ??رلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي ا??ميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سال نائيجر جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائيجر جي وچ ۾ پ??رلياماني تعاون جي يادداشت سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ا??ندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت آهي. نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خوا??شم??د آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ۽ زراعت جي شعبن ۾ پ??ڪستان سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خوا??شم??د آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيجر جي دوري جي به دعوت ڏني.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نائيجر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي قيادت ۾ پارلياماني وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea