اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 25 فوتگيون و??نٽ??لرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 361 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 58 ماڻهو اسپتالن جڏ??ن ته 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ ??ي چئن وڏن شهرن ۾ و??نٽ??ليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ ک??ن ملتان ۾ 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ ??ي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ ک??ن پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ميرپور 23 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 906 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 918، پنجاب ۾ 16 هزار 2، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 51، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 579، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 842 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 39 هزار 888 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت و??نٽ??ليٽر تي نه آهي. جڏ??ن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل و??نٽ??ليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 230 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن