اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي ص??عت ۽ واپار واري وزير نثار احمد فيضي هتي ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم افغان وزير جي آجيان ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان پاران افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ????ءِ مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان جي مسئلي جي ڳالهين جي ذريعي سياس?? حل جي ضرورت تي زور ڏنو، وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي ل??ءِ فائديمند ٿيندو، ان سان علائقائي رابطاڪاري وڌندي ۽ اقتصادي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس